ڊُٻڪي

ڊُٻڪي: گڏهن جي اڳين ٻنهي پيرن کي سوڙهو ڪري رسيءَ سان ٻڌڻ کي ڊٻڪي چئبو آهي. ٿر ۾ سياري توڙي اونهاري ۾ مزدور ماڻهو سِرن کڻڻ، مٽي ڍوئڻ، کوهن مان پاڻيءَ ڀرڻ لاءِ جنڊا کڻڻ ۽ جھنگ مان ڪاٺين جا جنڊا ڀري آڻڻ لاءِ گڏهن کي ڪتب آڻيندا آهن. کوهن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ گڏهن کي پاڃاريءَ ۾ جوٽبو آهي ۽ ڪوس ذريعي پاڻي ڇڪي ڪڍبو آهي. سياري توڙي سانوڻيءَ ۾ گڏهن کي هرن ۾ به استعمال ڪندا آهن. گڏهن کان ڪم ڪار وٺي، کين هٿ وسو رکڻ، ٻنين جي ڀيل ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ، ڊُٻڪي ڏئي ڇوڙي ڇڏيندا آهن. جيئن مهل سر ڪم جي وقت کين سولائيءَ سان جلد ڳولي سگھجي، ڇاڪاڻ جو ڇوٽ ڇڏيل گڏهه يڪدم آسانيءَ سان جھلڻ نه ڏيندو آهي.خاص ڪري وسڪاري وارن ڏينهن ۾ ته گڏهه سائو گاهه کائي تازو متارو ٿي پوندو آهي ته وتندو آهي، پوزيون هڻندو ۽ جھل نه ڏيندو آهي.
ڊٻڪيءَ ڏيڻ سان وهٽ تڪڙو هلي نه سگھندو آهي نه ئي وري ڀڄي سگھندو آهي، جتي به کيس ڇڏي اچبو آهي، اتي ئي پيو گھمندو ڦرندو ۽ چرندو آهي نه گھڻو پري وڃي سگھندو آهي نه ئي وري گم ٿيڻ جو ڪو امڪان هوندو آهي. ڪي ماڻهو ٻن گڏهن کي گڏ ’سلهاڙ‘ ڏيندا آهن ته جيئن اُهي پري نه وڃي سگهن.


لفظ ڊُٻڪيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو