پڪوان

پَڪوانُ: گيهه ۾ تريل ميدي يا اٽي جي سنهي ڪڙڪ ماني، ’پوري‘ نرم ٿيندي آهي ۽ پڪوان سخت ٽاڪئون ٿيندو آهي. سنڌ جي عام طور اڪثر شهرن ۾ گهر ۾ يا هوٽلن تي نيرن مهل ’دال پڪوان‘ ملندا آهن، جن ۾ پڪوان مٿان ڪٿي مڱن جي ته ڪٿي مٽرن جي دال رکي مٿان سائي چٽڻي وجهي ڏيندا آهن. اهي دال پڪوان ڏاڍا سوادي ٿيندا آهن.
لفظ ’پڪوان‘ مجموعي طور تي سٺن کاڌن لاءِ به استعمال ٿيندو آهي، لفظي معنيٰ پڪل کاڌو اٿس.


لفظ پڪوانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو