پيڄاهو

پيڄاهو: ضلعي دادو، تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ۾ هڪ ديهه ۽ ڳوٺ جو نالو. هن ديهه ۾ پيڄاهو، دلمراد جا گهر ۽ شهداد کوسو ڳوٺ شامل آهن. پيڄاهو ڳوٺ جي هزار کن آبادي هوندي آهي.هن ڳوٺ بابت روايت آهي ته، هيءُ ڳوٺ وڪئي خان پيچوهي 630هه/1233ع ۾ ٻڌو، جيڪو سلطان التمش جي وزير نظام الملڪ جو ملازم هو. اهو لفظ پوءِ آهستي آهستي بدلجي پيچاهوءَ مان ’پيڄاهوءَ‘ جي صورت وٺي ويو. ان وقت هن ڳوٺ ۾ پيچوها، مهاڻا ۽ ڪولهي رهندا هئا، ان کان پوءِ دُنب قبيلي جا ماڻهو هتي رهائش پذير ٿيا.


لفظ پيڄاهوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو