پينڊورا

پينڊورا (Pandora): هڪ يوناني افسانوي ڪردار، دنيا جي پهرين عورت، جنهن کي ديوتا هيفي اسٽس، زيئس جي درخواست تي تخليق ڪيو هو، زيئس ان باهه جي برڪت جو خاتمو ڪرڻ چاهيو ٿي، جيڪا ٽائيٽان پروميٿئيس ديوتا کان چورائي، انسانن کي ڏني هئي، ديوتائن پينڊورا کي حسن ۽ نيڪيءَ جي هر صفت سان مالا مال ڪيو ۽ ايپيميٿئيس ڏانهن موڪليو، جيڪو کيس زال بڻائي ڏاڍو خوش ٿيو، توڙي جو سندس ڀاءُ پروميٿئيس کيس خبردار ڪيو هو ته زيئس طرفان موڪليل ڪا به شيءِ قبول نه ڪري. ديوتائن پينڊورا کي هڪ صندوق به ڏني ۽ هدايت ڪئي ته اها هرگز نه کولي، بهرحال تجسس مٿس حاوي ٿي ويو ۽ هن پراسرار صندوق کولي ڏٺي، جنهن مان جسم جون ڪيتريون بيماريون ۽ ذهني ڏک ظاهر ٿيا، ڊپ مان پينڊورا ٻيهر صندوق بند ڪئي، پر اميد ۽ ڪيترين براين کانسواءِ اندر ڪجهه به نه رهيو، هي اميد بدبختيءَ جي شڪار انسانيت کي راحت ڏئي ٿي، هڪ ٻئي قصي موجب صندوق ۾ برڪتون هيون، جيڪي پينڊورا ڍڪ کولڻ سان ڪڍي ڇڏيون.


لفظ پينڊوراھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو