پوٺو

پوٺو: پوٺو صاف مٿاهين ميدان کي چئبو آهي. اها ايراضي جيڪا غيرآباد ۽ سنئون پٽ هجي ۽ ان ايراضيءَ ۾ ڪڏهن به ڪا آبادي نه ٿي هجي ته ان کي پوٺو چوندا آهن.
هن نالي سان سنڌ ۾ ڪيتريون ئي ديهون موجود آهن، جن مان ڪن جا نالا ڳڻائجن ٿا:
تعلقي ميرپورخاص جي هڪ ديهه آهي، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن:
ڳوٺ حاجي محمد اسلم، علي مراد مڱريو، حاجي محمد درس، حمير درس ۽ ڳوٺ رستم خان بوزدار.
تعلقي کپري جي هڪ ديهه، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن:
حاجي نور محمد مري، ملوڪ شر (حاجي محمد مري)، علي شير شاهه، بادل مهر، علي خان مري، حاجي وسند مري ۽ ڌوڙيو ڪڇي.
ضلعي مٽياري، تعلقي هالا جي ديهه ’ڀنڀري‘ ۾ هڪ ڳوٺ، جنهن ۾ هزار کن ماڻهو رهندڙ آهن. هتي پرائمري اسڪول ۽ بجليءَ جي سهولت موجود آهي.
دادو ضلعي جي تعلقي جوهيءَ ۾ هڪ ديهه، جنهن ۾ ’پوٺو‘ نالي سان هڪ ڳوٺ آباد آهي.
ضلعي ۽ تعلقي دادوءَ جي ديهه ”سوهايون“ ۾ به ’پوٺو‘ نالي ڳوٺ آباد آهي، جنهن ۾ هزار کن ماڻهو رهندڙ آهن. هتي پرائمري اسڪول ۽ بجليءَ جي سهولت موجود آهي.
تعلقي وارهه ۾ هڪ ديهه، جنهن ۾ ’الهه بخش بروهي‘، ’گرگيج‘ ۽ ’ميان بخش لڌاڻي‘ ڳوٺ شامل آهن.
ضلعي ميرپورخاص جي تعلقي ساماري ۾ هڪ ديهه، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ آباد آهن:
حاجي بندن علي راهو، حاجي علي محمد راهو، آباد ۽ اوطاق عبدالله ڪالرو.
ٽنڊي باگي ۾ هڪ ديهه جو نالو به پوٺو آهي. جيمس آباد (ڪوٽ غلام محمد) ۽ کپري ۾ به ’پوٺو‘ نالي ديهون موجود آهن.


لفظ پوٺوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو