پولري2

پولري2: پولري ٿر جو هڪ لوڪ گيت آهي، جنهن کي ٿر ۾ هندو توڙي مسلمان عورتون ڳائينديون آهن. هيءُ گيت اڪثر شادي مراديءَ توڙي خاص ڏينهن تي ڳائبو آهي. پولريءَ جا ٻول هن طرح آهن:
ماءُ مانهنجي پڳ تي جهٻُوڪي پولري
] اي امڙ منهنجي پير تي پولري چمڪي ٿي[
هينئڙلي هِرڪي هار ٻينهل! ڏاوَي پڳ ري پولري
]ڀيڻ! تنهنجي هيانءُ تي هار ۽ ڏائي پير جي پولري چمڪي ٿي[
ماءُ! مانهنجي جمڻو پڳ جوئي ري
ٻينهل! پولري چمڪي...
]امڙ! منهنجي ساڄي پير ڏي نهارج، منهنجي ڀيڻ! پولري چمڪي ٿي[.


هن صفحي کي شيئر ڪريو