پوتاميل

پوتاميل: واپارين جي اصطلاح موجب دڪاندار يا واپاري سڄو سال ڏيتي ليتي ڪندا آهن. مال نيڪال ڪري ۽ نئون مال دڪان ۾ وجهي. ان جي وڪري ۽ خريداري جي داخلا رکندا آهن. سال پوري ٿيڻ تي دڪان ۾ وڌل مُوڙي، موجود مال، نفعي ۽ نقصان جي لکپڙهه ۽ حساب ڪتاب جمع (Balance Sheet) ۽ ليکي چوکي کي ’پوتاميل‘ چئبو آهي. ’پوتـاميـل ٻـڌڻ‘ اصطـلاح جـي معنـيٰ ’نفعـي نقصـن جو حساب ڪتاب ڪڍڻ‘ آهي. واپارين جي اصطلاح ۾ نفعي ۽ نقصان جي تفصيلي بنديءَ کي ”پوتاميل“ چئبو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو