پنڊارا

پنڊارا: گهڻو اڳ ۾ وچ هندستان ۾ بي رحم ۽ پيشور ڏوهارين ماڻهن جو ٽولو هوندو هو. هي ماڻهو قومي يا مذهبي اتحاد کان بلڪل بي پرواهه هئا ۽ مختلف قومن ۽ فرقن سان تعلق رکندا هئا. ڦرلٽ دوران انسانيت سوز ظلم ڪرڻ کان به پرهيز نه ڪندا هئا. ارڙهين صديءَ جي سياسي انتشار مان فائدو وٺي، هنن قتل ۽ غارتگريءَ کي پنهنجو ڌنڌو ٺاهي ڇڏيو هو. هنن جي سرگرمين جو مرڪز وچ هندستان جو علائقو هو. مرهٽا سردار سنڌيا ۽ هولڪر وغيره فوجي خدمتن عيوض سندن سرپرستي ڪرڻ لڳا هئا. چيتو، واصل محمد، ڪريم خان، هيرو ۽ ٻيا سندن طاقتور سردار هئا. انهن 1812ع ۾ انگريزي ضلعن مرزاپور ۽ شاهه آباد ۾ ڦرمار ڪئي. 1815ع ۾ نظام جي علائقي ۽ 1816ع ۾ اترين علائقن ۾ قتل ۽ غارت جي بازار گرم رکي. لارڊ هيسٽنگز 1817ع ۾ راجپوتن ۽ مرهٽن جي سردارن سان ٺاهه ڪري، پنڊارن خلاف هڪ زبردست مهم هلائي، جنهن ۾ سندن سرپرستن هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ ڪي مارجي ويا. پنڊارن مان جيڪي بچي نڪتا، تن ٻني ٻاري جو ڪم شروع ڪيو ۽ پُرامن زندگي گذارڻ لڳا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو