پنجمورو

پنجمورو: ضلعي مٽياريءَ جي تعلقي هالا ۾ هڪ ديهه، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن:
جمال چانگ، متل پسايو، ڪوٽ ڀوڻوجو، پنهون ڄام ۽ پنجمورو. پنجمورو ڳوٺ جي ڀرسان ناميارن تعليمدانن سيد وڏل شاهه، سيد صالح محمد شاهه، سيد قادر بخش شاهه ۽ سيد شير شاهه جو ڳوٺ آهي. نيشنل هاءِ وي تي پنجمورو بس اسٽئنڊ به آهي.


لفظ پنجموروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو