بس

بس

بس

بَس: بس، روڊ ذريعي عوامي سواريءَ جو سُٺو ذريعو آهي، جيڪو يورپ ۽ آمريڪا ۾ ته هڪ صدي اڳ شروع ٿي چڪو هو، پر سنڌ ۾ سڀ کان پهريائين بسون ڪراچيءَ شهر ۾ هلڻ لڳيون، جيڪي 1920ع ڌاري ڪراچيءَ جي ٽراموي ڪمپنيءَ هلايون هيون. اهي بسون بندر روڊ کان ويسٽ وهارف تائين هلنديون هيون. پوءِ جڏهن ٻيون ڪمپنيون به مقابلي ۾ آيون ته ٽراموي کي نقصان سهڻو پيو. انهيءَ ڪري جو ڪراچيءَ جي سڄي شهر ۾ ۽ جن رستن تي ٽرامون هلنديون هيون، انهن رستن تي به بسون هلڻ لڳيون. آخرڪار ٻي عالمگير جنگ ۾ ٽراموي ڪمپنيءَ پنهنجون بسون هلائڻ بند ڪري رڳو ٽرامن تي ڌيان ڏنو. هن وقت بسون سڄيءَ سنڌ جي نظام جو لازمي جز بنيل آهن. روزانو لکين مسافر هڪڙي شهر کان ٻئي شهر تائين بسن جي سهوليت ڪري سفر ڪن ٿا. مطلب ته هر وقت بس جي سواريءَ جي سهوليت موجود هوندي آهي. ٻهراڙين ۾ عام ماڻهو بس کي ’لاري‘ چوندا آهن.ايئرڪنڊيشن بسن کي ڪوچ چيو وڃي ٿو .


لفظ بسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو