پريو2

پريو: هڪ قسم جي خوشبودار ٻوٽي آهي، جيڪا خوشبوءِ لاءِ پسارڪي وکر طور ڪم ايندي آهي. هن جا اڇن ٽڪن سان ڪارا پن، خوشبودار ٿيندا آهن، جيڪي دل ۽ دماغ کي فرحت ڏين ٿا. هي حڪيمن جي استعمال ۾ اچي ٿو، انهن جو چوڻ آهي ته رت گھاٽو ٿي وڃي ته ان کي صفا ڪرڻ لاءِ، مٿي جي سور، رحم جي ڦاٽي پوڻ جي حالت ۾ گرميءَ جي سوڄ، سنڌن جي سور، چيلهه جي سور، ڦٽن، وات جي بدبوءِ، اکين ۽ مثاني جي بيمارين ۾ مفيد آهي. هن جو تاثر گرم ۽ خشڪ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو