ٽنب

ٽِنب: ٻهراڙيءَ ۾ ماڻهو ساريون، ٻيو اَن يا گاهه پَٺو ڳوڻ يا جُوال ۾ بند ڪري کڻي ويندا آهن ۽ وٽن سوتلي يا سوئو نه هئڻ ڪري ننڍڙيون سنهيون نوڪدار ڪاٺيون ٻن ٻن انچن جيڏيون ٽڪرا ڪري، ڳوڻ جا ٻئي چپ ملائي، وٽن ٽوپن وانگر ٽنبيندا آهن. ان نموني ڳوڻ جو منهن بند ڪرڻ جي عمل کي ”ٽنب لڳائڻ يا سيبو“ چوندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو