ٻڌاري

ٻڌاري: پسارڪي وکر طور ڪم ايندڙ ھڪ ٻوٽي جي پاڙ آھي جنھن جو نمونو ول جيان آھي. ھيءُ پاڙ ڊگھي، پوري ۽ تندن تي ٿئي ٿي. ٻوٽي جا پن پان وانگر، پر ڏهه ٻارھن انچ ڊگھا ٿيندا آھن. جن جي ھيٺين سطح ريشمي ٿئي ٿي. ٻڌاريءَ جو ٻوٽو ٻن قسمن جو ٿئي ٿو. ھڪ قسم جو گل اڇو ۽ گول، ٻئي جو ڳاڙھو واڱڻائي چٽ تي، وڏو ۽ ان جا پن ڪچنار جيان ٿين ٿا. ٻوٽي جي پاڙ مٺي ڪاٺيءَ وانگر ھوندي آھي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو