پان جي تصوير

پان جي تصوير

پان

پان(Betel vine/ Piper betel):هي ول وارو ٻوٽو آهي، جنهن جا پن ساوا ۽ بيضوي شڪل جا ٿيندا آهن. پن جي وچ ۾ ٿلهي نس هوندي آهي، جيڪا پن جي ڏانڊيءَ کان شروع ٿي پن جي آخري نوڪدار ڇيڙي تائين ويندي آهي. ان ڏانڊيءَ مان ننڍيون ننڍيون نسون نڪري پن ۾ ڄار ٺاهين ٿيون. پان جو مٿيون پاسو لسو ۽ چمڪدار ٿيندو آهي. هيٺئين پاسي مان نسون نظر اينديون آهن. هي اڇي رنگ جا گل جهليندو آهي. شاهه لطيف سُر ”مومل راڻي“ ۾ پانن جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي: جهڙا پانن پن، تهڙيون شالون مٿن سائيون، عطر ۽ عنبير سين، تازا ڪئائون تَن. ڀارت ۽ پاڪستان ۾ پان جي پنن کي چُن ۽ ڪاٿو (ڪَٿو) هڻي، گلقند ۽ سوپاريون وجهي ”پان“ ٺاهي کائيندا آهن. ”پان“ ۾ ٽينڪ ائسڊ، ڪلوروفارم ۽ وٽامن سي جا جُزا هوندا آهن. طبيبن جي راءِ موجب پان جو مزاج گرم خشڪ آهي. پان کي ڪنهن به حالت ۾ نيراني نه کائڻ گهرجي. ڀارت، سريلنڪا ۽ بنگلاديش ۾ پان جا وڻ ۽ وليون پوکبيون آهن. هن وقت سنڌ ۾ ميرپورخاص، حيدرآباد، ڪراچي ۽ ٺٽي ضلعن ۾ پان جي پوک شروع ڪئي وئي آهي. ڪراچيءَ ۽ ٺٽي ضلعي ۾ پان کائڻ جو رواج ٻين ضلعن جي نسبت ۾ گهڻو آهي. موجوده دور ۾ طبي تحقيق ثابت ڪيو آهي ته گهڻو ڪري پان کائيندڙ ماڻهن ۾ وات ۽ نڙيءَ جو ڪئنسر ٿيڻ جا امڪان هوندا آهن.


لفظ پانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو