شهريت

شهريت (Citizenship) : شهريت کي انگريزي ٻوليءَ ۾ (Citizenship) ڪري ڪوٺيو وڃي ٿو. ڪنهن به ملڪ ۾ مستقل طور رهندڙ مقامي ماڻهوءَ کي ان شهر يا علائقي ۾ رهڻ جي اختيار کي ‘شهريت’ سڏيو ويندو آهي. شهريت انساني زندگيءَ کي بهتر بڻائڻ جو علم آهي، جنهنڪري شهريت کي هر قدم کڻندي گذريل واقعن جو نوٽس وٺڻو پوي ٿو ۽ تجربو پڻ ڪرڻو پوي ٿو. تاريخ کي ‘شهريت جي ليبارٽري’ به ڪري سڏيو وڃي ٿو. شهريت عوام جي بهتري ۽ سماجي ترقيءَ جو به علم آهي. جڏهن ته تاريخ زماني جا گذريل واقعا ڏيکاري انهن جي نتيجن سان شهريت جي علم ۾ اضافو آڻيندي آهي ۽ ان سان تعمير ۽ سڌارن لاءِ بهتر طريقو اختيار ڪرڻ ۾ مدد ڪندي آهي.


لفظ شهريتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو