شبير شاهاڻي

شبير شاهاڻي

شبير شاهاڻي

شبير شاهاڻي: شبير شاهاڻيءَ جو پورو نالو غلام شبير شاهاڻي آهي. سندس جنم صاحب خان شاهاڻيءَ جي گهر، ڳوٺ ٿرڙي جادي شهيد، تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾ 1960ع ۾ ٿيو. هن جي خاندان ۾ ڪو به ڳائڻ وڄائڻ سان چاهه نه رکندو هو. کيس ننڍپڻ کان ئي راڳ جو شوق هو، تنهنڪري استاد مجيد خان حيدرآباد واري وٽ سکيا ورتائين. 1980ع ۾ کيس ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پروڊيوسر انور بلوچ متعارف ڪرايو ۽ 1990ع ۾ پروڊيوسر اعجاز عليم عقيليءَ وٽ ٽي. وي تي پروگرام ڪيائين. سنڌ جي سڀني قديم توڙي جديد شاعرن کي ڳائي ٿو، پر سڀ کان وڌيڪ استاد بخاريءَ جي شاعري ڳائي اٿائين. ڪيترن ڪلامن جو ڪمپوزر به رهيو آهي. هن شاهه لطيف، سچل سرمست، شيخ اياز ۽ خان مدهوش'>احمد خان مدهوش کي به ڳاتو آهي. استاد بڙي غلام علي خان سندس پسند جو گائڪ آهي. کيس ٻه پٽ چار ڌيئرون آهن.


لفظ شبير شاهاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو