سڌارٿ

سڌارٿ

سڌارٿ

سڌارٿ (ڪتاب): هي ناول، مشهور جرمن ليکڪ ’هرمن هيس‘ (Herman Hesse) جي بيحد مقبول ناول، Sidhartha (انگريزي) جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو نامور ليکڪ فضل احمد بچاڻي وڻندڙ ۽ محاوريدار ٻوليءَ ۾ ڪيو آهي. هن ناول جا 1976ع تائين 22 ايڊيشن ڇپجي چڪا ۽ دنيا جي ڪيترين ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. اُن تي ڪيئي فلمون ٺهي چڪيون آهن ۽ ليکڪ کي نوبل انعام به ملي چڪو آهي، فقط هڪ سال 1973ع ۾ هن ناول جا ست ڇاپا وڏي تعداد ۾ پڌرا ٿيا هئا. يورپ ۽ آمريڪا ۾ هن روحاني قسم جي ناول کي وڏي مقبوليت حاصل رهي.
مترجم جي لفظن ۾ ”هن ڪتاب جو سورمو ’سڌارٿ‘، هڪ فقير صفت صوفي طبيعت برهمڻ زادو آهي، جنهن جو اندر ڪائنات ۽ تخليق جي اسرارن تان پردو کڻڻ لاءِ سدائين کان سِڪندڙ آهي، سو پنهنجي ’سچ‘ پسڻ لاءِ اُڃايل دل کڻي، حيات ۽ سنسار جي مختلف دورن مان گذري، مختلف واٽون وٺي، مختلف آزمودا پرائي، نيٺ هڪ نتيجي تي پهچي ٿو، جيڪو ئي هن ناول جو بنياد ۽ موضوع آهي. زندگي ڇا آهي، سنسار ڇا آهي، ٻنهي جي لاڳاپي جي نوعيت ڇا آهي، سچي روحاني خوشيءَ جو راز ڇا آهي؟ اها شانتي مذهب ۾ آهي يا مذهب کان ٻاهر؟ دنياداريءَ، عيش عشرت، ڪمن ڪارين ۾ آهي يا مورڳو دنيا کي تياڳڻ ۾؟ ويراڳ وٺي جهنگ جهر جاڳڻ ۾ آهي يا دنيا جي مڙني شين سان تعلق رکڻ ۽ سهڪار ڪرڻ ۾؟ مذهب جي ريتن ۽ رسمن کي ورتائڻ ۾ آهي يا مذهب ئي سڄي رنج ۽ غم جو باعث آهي؟ بندي جي اندر ۾ ڇا آهي، سنسار جي شين ۾ ظاهر ڇا آهي ۽ لڪل ڇا؟ سچو سڪون، شانتي، نرواڻ، ڇوٽڪارو ڪهڙي ريت ملي سگهي ٿو؟ انهن سوالن جو جواب هن ناول مان ملندو.“
ڪرائون سائيز جي 120 صفحن تي هن ناول جو پهريون ڇاپو، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد ڇپايو ۽ ان جو ٻيو ايڊيشن 1991ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت 20 روپيا آهي.


لفظ سڌارٿھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو