سنڌ: عرب دور

سنڌ: عرب دور

سنڌ: عرب دور

سنڌ: عرب دور

سنڌ عرب دور

سنڌ: عرب دور (Sindh Arab Period: ڪتاب): ’ سنڌ جي تاريخ‘- سلسلي جو هيءُ ٽيون جلد، ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ، انگريزيءَ ۾ (Sindh: Arab Period) عنوان سان لکيو هو، جنهن جو پهريون ڇاپو، سنڌي ادبي بورڊ 1978ع ۾، ڊيمي سائيز جي 523 صفحن تي مشتمل ڇاپي پڌرو ڪيو هو. هن جلد جو سنڌيءَ ۾ ترجمو پڻ ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ خود ڪيو هو، جنهن جي نظرثاني ڊاڪٽر غلام محمد لاکي ڪئي آهي ۽ اُن جو پهريون ڇاپو جولاءِ 2009ع ۾ ڇپيو آهي. هي تاريخي ڪتاب جو جلد 17 بابن تي مشتمل آهي.
باب پهريون: سنڌ جي تاريخ جا ماخذ (همعصر ماخذ، جاگرافيائي ڪتاب، سفرنامه، پوءِ جا ڪتاب، شعر ناما ۽ آثار قديمه، باب ٻيو: سنڌ ملڪ ۽ ان جي جاگرافي حدون، بيهڪ، طبعي بناوت، ڍنڍون ۽ نديون، آبهوا، زمين، پوک، جانور، کاڻيون، ڌاتو، ڪڇ جو رڻ، آدمشماري، ٻولي ۽ رسم الخط وغيره، باب ٽيون: سنڌ جي قديم تاريخ (ڪول، سنٿال، آريا نسل، ايرانين جي ڪاهه، يوناني حملا، سٿيا ۽ ساڪا قومون، سفيد هُن)، باب چوٿون: عربن جي فتح کان اڳ سنڌ جون حالتون (سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ مذهبي حالتون، قانون، ريتون رسمون، ٻولي ۽ ادب وغيره)، باب پنجون: اسلام کان اڳ جا عرب (عرب بائده، اڪاد، بائيبلائن قوم، حمورابي جا قانون، اسيريا، ڪلداني، ڪنعاني (فنيقي)، آرامي، ثمود ۽ ٻيا قبيلا، حمير خاندان، اتر عرب رياستون، بنو قريش ۽ قريش قبيلي جو شجرو وغيره)، باب ڇهون: سنڌ ۽ عرب ناتا، عربن جي حملي جا سبب، باب ستون: محمد بن قاسم جو سنڌ فتح ڪرڻ، باب اٺون: سنڌ جا عرب گورنر (بنو اميه جا گورنر، عباسي گورنر)، باب نائون: منصوره جو هباري خاندان (عمر بن عبدالعزيز هباري)، باب ڏهون: منصوره شهر جو بنياد ۽ ان جي بيهڪ (اوج سميت)، باب يارهون: منصوره جا هاڻوڪا کنڊر، باب ٻارهون: سنڌ ۾ عرب انتظاميه (فوجي انتظام، مالياتي انتظام، عدالتي انتظام، اقتصادي ترقي، عرب دور جا سڪا)، باب تيرهون: ادبي ثقافتي سرگرميون )عربي نظم، عربي نثر، ديني ادب، ٻولي ۽ رسم الخط، ثقافتي سرگرميون، تجارتي رستن جا فاصلا)، باب چوڏهون: عرب دور ۾ سنڌ جا شهر، باب پندرهون: ملتان جي عرب حڪومت، باب سورهون: سنڌ جا قرمطي (قرمطين جي اصليت، اسماعيلي فاطمي، اسماعيلين جو سنڌ ۾ خاتمو، سنڌ تي سومرن جي حڪومت، باب سترهون: عرب سائنس جي واڌاري ۾ سنڌ جو حصو) علم الحساب، علم النجوم، طب، علم الحيوان، ڪيميا، سياست، جاگرافي، فلسفو). پڄاڻي: سنڌ تي عربن جو ثقافتي اثر (سنڌ ۾ تصوف).
ڪتاب جي هر باب کانپوءِ حوالا ۽ سمجهاڻيون ڏنل آهن. آخر ۾ تعليقات، عربي ۽ فارسي ڪتابن مان اقتباس به ڏنا ويا آهن. ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ ۽ عرب دور جي حوالي سان ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جو تفصيلي مضمون آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو