سانڀر

سانڀر: ڍورن، خاص ڪري مينهن جي ڳچيءَ ۾ هڪ وڏو چڙو، گهنڊ يا کرڪو ٻَڌو ويندو آهي، ان کي سانڀر چئبو آهي. شاهه لطيف سر سهڻيءَ ۾ سانڀر يعني وڏي چڙي يا کرڪي جو ذڪر هيٺينءَ ريت ڪيو آهي:
کرڪن خوش ڪياس، محبتي ميهار جي،
پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي، آڌي ڏئي اُٿياس،
سُتي جاڳاياس، سانڀر سپيرين جي!
- راجپوتانا جي سانڀر ڍنڍ مان ملندڙ لوڻ کي به سانڀر چوندا آهن.
- رڍن جي ڌڻ اڳيان هلندڙ، رهبري ڪندڙ رڍ کي به سانڀر چيو ويندو آهي.


لفظ سانڀرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو