زرغونه

زرغونه: سنڌ تي ڪاهه ڪندڙ افغانستان جي بادشاهه احمد شاهه ابداليءَ جي والده جو نالو زرغونه هو. احمد شاهه جي پيءُ جو نالو محمد زمان خان هو. زرغونه جي پٽ احمد شاهه ابدالي، پوٽي تيمور شاهه ۽ پڙپوٽي شاهه شجاع سنڌ کي گهڻو مالي ۽ جاني نقصان رسايو هو. زرغونه وڏي بهادر ۽ دلير عورت هئي. جڏهن نادر شاهه افشار قتل ٿي ويو، تڏهن احمد شاهه ابداليءَ پنهنجي ماءُ زرغونه جي چوڻ تي نادر شاهه افشار جي زال کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي نڪاح ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ سڄي سلطنت جو بادشاهه ٿيو. احمد شاهه ابداليءَ ميان نور محمد ڪلهوڙي جا يرغمال ٿيل پٽ واپس سنڌ موڪليا.


لفظ زرغونهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو