ريڙهي

ريڙهي: ريڙهي ديهه، ڪراچيءَ جي تپي لانڍيءَ ۾ آهي، جنهن کي يونين ڪائونسل جو درجو به مليل آهي. هن يونين ڪائونسل ۾ ريڙهيءَ کان سواءِ ڪجهه حصو ’ڱانڱياري‘ جو به شامل ڪيل آهي. ريڙهي سمنڊ ڪناري ماهيگيرن جي قديم وستي آهي، جتي مڇي مياڻ به قائم آهي. هن ديهه جي اوڀر پاسي ديهه ڱانڱيارو، اولهه پاسي ديهه شرافيءَ جون حدون ملن ٿيون. لانڍيءَ جي لڳو لڳ ريڙهيءَ جي ساحلي بستي آهي. مقامي ماڻهو هن آبادي کي ’ريڙهي‘ ۽ ’ريهڙي‘ به چوندا آهن. ان کان سواءِ ريهڙا نالي جا ٻه ڳوٺ به ملن ٿا.


لفظ ريڙهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو