روٽ1

روٽ1: روٽ اُنهيءَ ٿُلهي ۽ مٺي مانيءَ کي چئبو آهي، جيڪا ديوتائن ۽ بزرگن تي ڀيٽا طور ڏبي آهي. سنڌ ۾ گاجي شاهه جو روٽ مشهور آهي. بهاءُ الدين زڪريا جا پوئلڳ به جڏهن ملتان ويندا آهن ته پاڻ سان ’روٽ‘ پچائي ساڻ کڻندا آهن. ٿر واري پاسي به ’روٽ‘ ڪرڻ جو رجحان گهڻو آهي. روٽ، سوادي ۽ مٺو ٿيندو آهي. عام زبان ۾ گهڻي ٿلهي مانيءَ کي ’روٽلو‘ به چون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو