راٺي1

راٺي1: هندن جي ذات آهي، روايت آهي ته هي راٺوڙن جي اوڙڪ مان آهن. هڪ ٻئي حوالي موجب هي تنوار راجپوت نسل مان آهن، را‎ٺي جي معنيٰ آهي زبردستي. هي جت به سڏجن ٿا، روهل ۽ ڌنڪر هن جا ڀائر آهن.
راٺي هندن جا خاص پاڙا آهن: (1) برهائي، (2) بلوترا، (3) چانکڙا، (4) راڪوڙ، (5) گهر حوال، (6) گوئل، (7) منگوال.


هن صفحي کي شيئر ڪريو