راسون

راسون

راسون

راسون: راسون سج لهڻ وقت ان جي چؤطرف ظاهر ٿيندڙ ڳاڙهي روشنيءَ جي شعاعن کي چئبو آهي، جيڪي مڪمل اوندهه ٿيڻ کان اڳ ۾ نروار ٿيندا آهن. اها ڳاڙهاڻ لهندڙ سج واري طرف کي ڳاڙهو ڪري ڇڏيندي آهي. سنڌي ٻوليءَ جي وسعت ۽ قدامت جو الڳ رنگ آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي انهن شعاعن (ڪرڻن) کي ’راسون‘ سڏيو آهي:
لڙيو سج لڪن ۾، راسون رتائين،
مون کي ماريائين، اديون اونداهي ڪري


لفظ راسونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو