دِين

دِين: زندگيءَ جو اهو طريقو يا نظام، جنهن جي قائم ڪندڙ کي سند يا اطاعت جي قابل سمجھي، ان جي تابعداري ڪجي. عربي ٻوليءَ ۾ ان جو هڪ مفهوم آهي اناج ۽ اقتدار، مالڪاڻو ۽ حاڪماڻو اختيار، سياست ۽ حڪمراني، ٻين تي پنهنجو فيصلو صادر ڪرڻ. ٻيو مفهوم آهي اطاعت، فرمانبرداري ۽ غلامي. ٽيون مفهوم هي آهي ته اها عادت يا طريقو، جنهن جي انسان پيروي ڪري، قرآن مجيد ۾ الله تعاليٰ جو فرمان آهي: ”۽ انهن کي حڪم نه ڏنو ويو، مگر هن ڳالهه جو ته هڪ ئي خيال ڪري پنهنجي دين کي الله تعاليٰ لاءِ خالص ڪندي ان جي عبادت ڪن ۽ نماز قائم ڪن ۽ زڪوات ڏين ۽ اهو ئي سڌو دين آهي.“ (البينة: 5).
”اڄ توهان جي دين جي طرف کان ڪافرن جي اميد ختم ٿي چڪي آهي، توهان انهن کان نه ڊڄو، بلڪ مون کان ڊڄو، اڄ مون توهان جي واسطي توهان جو دين ڪامل ڪري ڇڏيو.“ (المائده: 3).
الله تعاليٰ وٽ انسان لاءِ فقط هڪ ئي زندگيءَ جو نظام ۽ هڪ ئي طريقه حيات درست ۽ صحيح آهي ۽ اهو هي آهي ته انسان الله تعاليٰ کي پنهنجو مالڪ ۽ معبود مڃي ۽ پاڻ کي ان جي غلامي ۽ بندگيءَ جي بلڪل حوالي ڪري ڇڏي ۽ ان جي بندگيءَ جو طريقو پاڻ نه ٺاهي، بلڪ ان پنهنجي پيغمبرن جي ذريعي جيڪا هدايت ڪئي، ڪنهن به گھٽ وڌائي کانسواءِ ان جي پيروي ڪري. انهيءَ طرز فڪر ۽ عمل جو نالو ’اسلام‘ آهي ۽ الله تعاليٰ جي طرفان جيڪو به پيغمبر زمين جي ڪنهن به حصي ۽ ڪنهن به زماني ۾ آيو آهي، ان جو دين اسلام ئي هو ۽ جيڪو به ڪتاب ڪنهن به زبان ۽ ڪنهن به قوم تي لٿو تنهن اسلام جي ئي تعليم ڏني.
الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته: ”الله وٽ دين فقط اسلام آهي، انهيءَ دين کان هٽي ماڻهن جيڪي مختلف طريقا اختيار ڪيا، جن کي ڪتاب ڏنو ويو، انهن جي انهيءَ طرز عمل جو سواءِ هن جي ٻيو ڪو به سبب نه هو ته انهن علم اچڻ کانپوءِ به پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان زيادتي ڪرڻ لاءِ ائين ڪيو ۽ جيڪو الله تعاليٰ جي احڪام ۽ هدايتن کان انڪار ڪري، الله کي ان کان حساب وٺڻ ۾ ڪا دير نه ٿي لڳي.“ (آل عمران: 19).


هن صفحي کي شيئر ڪريو