دلارام

دلارام

دلارام

دلارام (ڪتاب): دلارام، سنڌي ادب جي نامور عالم ۽ اديب مرزا قليچ بيگ جو قصو/ ناول آهي. مرزا صاحب هن ناول بابت لکي ٿو ته: ”هيءُ قصو دلئون جوڙيل نه آهي ۽ نه ڪنهن ٻئي ڪتاب تان ورتل آهي. هن ۾ ڪا ڪوڙي آکاڻي يا نه ٿيڻ جھڙي ڳالهه به بيان ٿيل نه آهي، نه ڪو هن ۾ ديو، نه وري ڪاپڙي آهي. رواجي اتفاقن ۽ دنيائي وهنوار ۽ هلت جلت جو هن ۾ ذڪر ٿيل آهي. نيڪي بدي ڪرڻ مان جي نتيجا نڪرن ٿا، سي چڱيءَ طرح هن ۾ ڏيکاريل آهن“. مرزا صاحب هيءُ قصو نهايت ئي سليس عبارت ۽ عام اصطلاحن سان لکيو آهي. هن ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ هڪڙي ننڍي نصيحت به ڏني وئي آهي. هن ڪتاب جي نئين ايڊيشن جا ٻه لفظ محمد ابراهيم جويي لکيا آهن. هن ڪرائون سائيز جي ڪتاب ۾ 87 صفحا آهن. ۽ جو ملهه 1 روپيو آهي. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي ان وقت جي سيڪريٽري محمد ابراهيم جويي اسلاميه پريس حيدرآباد سنڌ مان ڇپائي 1957ع ۾ پڌرو ڪيو هو.


لفظ دلارامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو