جهيرَ

جهـيـرَ: هيءَ راند ٻار ٽوليءَ جي صورت ۾ حد مقرر ڪري کيڏندا آهن. مقرر حد جي وچ ۾ ڪاٺي کوڙيندا آهن، جنهن کي ’جهير‘ يا ’جهوپڙو‘ چئبو آهي. هن کي لڪ ڇپ يا لڪ لڪوٽي راند به چوندا آهن. ٻار راند جي شروع ۾ گڏجي جهير کان پري وڃي بيهندا آهن ۽ گڏجي ڊوڙي وڃي جهير کي هٿ لڳائيندا آهن. جيڪو آخر ۾ هٿ لڳائيندو، ان کي جهير وٽ بيهاريندا آهن، جهير وٽ بيهندڙ ٻار اکيون بند ڪري ويهندو آهي ۽ ٻيا ٻار الڳ الڳ وڃي لڪندا آهن، پوءِ لڪل ٻارن مان هڪڙو سينڍ وڄائيندو آهي، تڏهن جهير وارو ٻار اکيون کولي لڪل ٻارن کي ڳوليندو آهي، پوءِ لڪل ٻارن مان ڪنهن هڪ کي هٿ لڳائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ ٻار ڀڄي وڃي جهير کي هٿ لڳائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جهير وارو ٻار لڪل ٻارن مان ڪنهن هڪ کي جهير تي پهچڻ کان اڳ هٿ لڳائي ويو ته اهو ٻار جهير تي اکيون ٻوٽي ويهندو، جيڪڏهن سڀ ٻار جهير کي هٿ لڳائي ويا ته پوءِ ساڳيو ٻار ٻيهر جهير وٽ اکيون ٻوٽيندو. هي راند سنڌ ۾ اڪثر هنڌن تي رچائي وڃي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو