جرس

جرس: اهو وڏو گهنڊ يا چڙو، جيڪو قافلي جي پهرئين اُٺ جي ڳچيءَ ۾ ٻڌل هوندو آهي. ساڳيءَ طرح قافلي جي پڇاڙيءَ واري اُٺ جي ڳچيءَ ۾ هڪ ننڍو گهنڊ ٻڌل هوندو آهي. سفر دوران ٻنهي گهنڊن جو آواز ٻڌي تصديق ڪبي آهي ته قافلو سلسليوار پنهنجي منزل ڏانهن هلندڙ آهي، پر قافلي جي ڇڄي ڌار ٿيڻ جي صورت ۾ پٺئين گهنڊ جو آواز ٻڌڻ ۾ نه ايندو. ان صورت ۾ قافلي جي باقي حصي جي ڳولا ڦولها ڪري وري ان کي يڪجاءِ ڪيو ويندو آهي .


لفظ جرسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو