جبلت

جبلت (Instinct ):جبلت مان مراد آهي، اُهي پيدائشي رجحان يا خواهشن جا ڳائڻ وارا تحرڪ، جنهن جو مقصد جسم جي اهم ضرورتن کي پورو ڪرڻ آهي. ابتدائي سببن، ضرورتن يا خواهشن جو ماضيءَ جو ڪو تجربو نه هوندو آهي. اهي ابتدائي عمل جنهن جو تعلق ڪنهن به ماضي جي تجربي سان نه هجي، اهي جبلي عمل آهن. اها جبلت انهن ڪيڙن تي به لاڳو ٿيندي آهي، جيڪي ترقيءَ جي شروعاتي دور مان گذري چڪا آهن ۽ پنهنجي خوراڪ پاڻ مهيا ڪرڻ تي ۽ نسل وڌائڻ تي قادر هوندا آهن. جبلت ڪنهن جاندار ۾ موجود هڪ اهڙو قدرتي ۽ پيدائشي رجحان آهي، جيڪو ڪنهن خاص ضرورت جي تسڪين جو طريقو مهيا ڪندو آهي. ٻاراڻي عمر مان گذرڻ کان پوءِ انسان ۾ خالص جبلت جو وجود باقي نه رهندو آهي. اسان جا ڪيترائي عمل ورثي جي عمل جو حصو بڻجي ويندا آهن. جانورن ۾ خاص ڪري ادنيٰ جانورن ۾ خالص جبلت جو مشاهدو ڪري سگهجي ٿو. جانورن ۾ گهڻن عملن جي شروعات جبلت آهي. مثال طور پکي پنهنجو آکيرو جبلت جي تحت ٺاهڻ شروع ڪندا آهن، پوءِ دستياب مواد ۽ (جڳهه) مطابق ان ورثي ۾ مليل مهارت جي استعمال سان تبديلي ڪندا ويندا آهن. اسان جو ورثي وارو عمل ان جي جبلت کي دٻائڻ جو هڪ ذريعو آهي. جڏهن انسان معاشري ۾ رهڻ سکندو آهي ته ان کي پنهنجن ڪيترن ئي جبلتن کي دٻائڻو پوندو آهي. مجموعي انساني طرز عمل، جبلي ۽ آموزشي معرڪات(Learning Skylines) جي وچ ۾ ٿيڻ واري مفاهمتي عمل سان وجود ۾ ايندي آهي.





لفظ جبلتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو