جريده

جريده: عربي ٻوليءَ جو هڪ اصطلاح آهي، جنهن جو مفهوم ’ورق‘ آهي. موجوده عربي ٻولي ۾ ’اخبار‘ لاءِ به اهو نالو ڪم آڻيندا آهن. هي لفظ ترڪيءَ ۾ آڳاٽو اخبار لاءِ ڪم آيو هو، جيئن ته ”جريده حوارث“ (واقعن جو خبرنامو)، اها اخبار 1840ع ۾ شروع ٿي هئي. ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شعبه تصنيف و تاليف و ترجمه پاران پڻ هڪ اهڙو جرنل ’جريده‘ نالي ڪڍيو ويندو آهي، ان جي 22 نمبر شماري ۾ سنڌو لکت جي ’عبراني‘ ٻوليءَ جي آڳاٽي لکت سان ڀيٽ ڪري منجهن هڪجهڙائيءَ بابت تحقيقي مواد شايع ڪيو ويو آهي، جيڪو اردوءَ جي هڪ لسانياتي ماهر ابو جلال ندويءَ جو لکيل آهي .


لفظ جريدهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو