توالو

تُوالو (Tuvalu ):هن ننڍڙي ٻيٽ جو سرڪاري نالو اسٽيٽ آف توالو (State of Tuvalu) ۽ ان جو پراڻو نالو ايلائس آئي لينڊز آهي. توالو جي معنيٰ آهي اٺ ٻيٽ، ڇو ته ان جي 9 ٻيٽن مان 8 آباد آهن. هي اوشياتا اولهه پيسِفِڪ سمنڊ جي وچ ۾ آهي. هن جي ڏکڻ اوڀر ۾ اولهه سامو ، اتر ۾ ڪيربيتي، ڏکڻ ۾ فجي 1000 ڪلوميٽر ۽ اولهه ۾ سڊني (آسٽريليا) 4000 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهن. توالو 9 ٻيٽن جو ڳٽڪو آهي، سڀ ٻيٽ هيٺانهان ۽ ڪورال سان ٺهيل آهن. انهن جي سمنڊ جي سطح کان بلندي صرف 15 فوٽن تائين آهي. هن جي گاديءَ جو هنڌ فونافوتي (Funafuti) ۽ سرڪاري ٻولي توالو (Tuvalu) آهي. توالو هڪ آئيني بادشاهت آهي، جنهن سان گڏ پارلياماني نظام رائج آهي. هتي جي موسم گرم ۽ گھميل آهي. ساليانو گرمي پد 80 ڊگري فارنهائيٽ تائين هوندو آهي. برسات جو ساليانو سراسري مقدار 120 انچ آهي. مکيه زرعي پيداوار ۾ ناريل، ڪيلو ۽ ميوو آهي ۽ مکيه صنعتن ۾ سياحت، ماهيگيري ۽ ٽِڪليون آهن. توالو جي ڪل پکيڙ 26 چورس ڪلوميٽر (10 چورس ميل) آهي. هن جي آبادي 10 هزار 700 آهي. توالو جي آزاديءَ جو ڏهاڙو پهرين آڪٽوبر 1978ع آهي ۽ هن ملڪ گڏيل قومن جي اداري (UNO) جي ميمبرشپ 5 سيپٽمبر 2000ع تي ورتي.


لفظ توالوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو