بينچ2

بينچ2: ڪنهن مقدمي ٻڌڻ لاءِ ججن جو مقرر تعداد. اهو جج، جيڪو ٻين ججن سان گڏ فيصلا هلائي، ان کي ”بينچ مئجسٽريٽ“ چئبو آهي. دراصل هي اٽلي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو ابتدا ۾ ”بئنڪ“ جي مفهوم ۾ استعمال ٿيندو هو، ڇوته سامونڊي بندرگاهن تي سِڪَن جي مٽاسٽا جو مسئلو هيءَ بئنڪ، بينچ تي ويهي حل ڪندي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو