بهليبا-1

بهليبا-1

بهليبا-1

بهليبا-1 (Bahleba-I): هي ماڳ ميهام ڳوٺ (هندستان) کان 6 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾، ڳوٺ بهليبا کان هڪ ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ 760 23'29'' ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 290 01'45'' ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ تي موجود آهي. هن دڙي کي به مقامي طور ‘کيراجي’ نالي سان ئي سڏيو وڃي ٿو. هي دڙو 3.5 هيڪٽرن جي ايراضيءَ تي ڦهليل ۽ زميني سطح کان 2 ميٽر اوچو آهي. هتان هاڪڙا دور جو ٺڪراٺو ملي ٿو، جيڪو مختلف نمونن جو آهي. هڪ ڪارين ڌارين سان، ڀوري رنگ جو ٺڪر ۽ ٻيو بنهه ڳاڙهين ليڪن سان آهي. مليل وٿن مان اندازو آهي ته ٺڪر هاڪڙا دور جو آهي، ٺڪراٺي کانسواءِ ڪي ٽامي جون وٿون به مليون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو