بهراڻو

بَهراڻو: بحر جو نذرانو. هندن جي هڪ ڌرمي رسم موجب اٽي جو پنوڙو ٺاهي، ان ۾ سينڌر ۽ گل ڦل هڻي، چومکو ڏيئو ٻاري وڃي پاڻيءَ ۾ نذراني طور ڇڏيندا آهن. ڪي هندو وري ڪاٺ جو ننڍڙو تابوت ٺاهي، ان سان گڏ ڀڄن ڳائيندا، دهل شرنائيون وڄائيندا، درياءَ تي وڃي رسم ادا ڪندا آهن. اڏيري لعل جو ’بهراڻو‘ مشهور آهي.


لفظ بهراڻوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو