ٻيسڻ

ٻيسڻ: شاديءَ جي ھڪ رسم، ٿر توڙي عمرڪوٽ ضلعي جي ھندن ۽ سماٽن ۾ جڏھن گھوٽ پھريون ڀيرو ساھري گھر ويندو آھي، تڏھن اتي گھوٽ لاءِ اڳواٽ ھڪ خوبصورت رلي وڇائي ويندي آھي، جنھن تي اچي گھوٽ ويھندو آھي، ليڪن ساليون بيٺيون ھونديون آھن، ايستائين، جيستائين گھوٽ ”گادي ويھڻ جا ٻول“ نه چئي، گاديءَ جي ٻولن کي ’ٻيسڻ‘ چئبو آهي، جنھن جا ٻول مختلف ٿين ٿا، ڪجهه ٻول ھن طرح آھن:
گادي گڍ گجرات ري، گونٿاڻي اجمير ،
ڦونڌا لاگا ميڙ تي، ھيرا جسلمير ،
ايک ڍڙاڙان انگڻي، ٻيجي ڍڙاڙان ٻھار ،
ٽيجي ڍڙاڙان چؤواٽي، چوٿي رواج دوار ،
سرچي ٻيسو سھيليان، ھيڪي گھٽ ھجار .
( گڍ گجرات جي گادي اجمير ۾ ٺھي، جنھن تي ٽؤنر، ٻاڙ مير ۾ لڳا ۽ ھيرا جيسلمير ۾ لڳا، ھڪ اڱڻ تي وڇايان، ٻي ٻاھر، ٽي چؤواٽي تي، چوٿين راجا جي دروازي تي، اي سھيليو! پاڻ ۾ سرچي ھڪ گھٽ ھزار ٿي ويھو.)


هن صفحي کي شيئر ڪريو