بازيدپور

بازيدپور: تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ هڪ ڳوٺ ۽ هڪ ديهه جو نالو، هي ڳوٺ پهريان خيرپور رياست جي حدن ۾ هو. سن 1843ع ۾ انگريزن جي فتح کانپوءِ هنن سنڌ کي انتظامي طور ڀاڱن ۾ ورڇيندي پراڻن پرڳڻن کي ختم ڪري نوان ضلعا ۽ تعلقا ٺاهيا ته بازيدپور کي ديهه جو درجو ڏنائون. مٿس بازيدپور نالو پوڻ بابت روايتون آهن ته ايران جو مشهور صوفي بزرگ حضرت بايزيد بسطامي ڪنهن سمي اچي هن ڳوٺ ۾ رهيو هو. هتان جا ڪيترائي هندو توڙي مسلمان سندس مريد ٿيا. ڳچ عرصو ترسڻ بعد پاڻ هندوستان کان ٿيندو وري پنهنجي ماڳ ايران موٽي ويو. ان بعد سندس عقيدتمندن ۽ مريدن ڳوٺ جو نالو پنهنجي مرشد جي نسبت سان بايزيدپور رکيو. گهڻي اُچار ۽ بار بار دهرائڻ ڪري ’ي‘ حذف ٿي وئي ۽ عام طور بايزيدپور بجاءِ بازيدپور چورائڻ لڳو. حضرت بايزيد بسطامي جنهن به علائقي ۾ رهيو اتي سندس نالي سان ڳوٺ وجود ۾ اچي ويندو هو. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ، پنجاب ۽ هندوستان جي ڪيترن خطن ۾ بازيدپور جي نالن سان ڳوٺ ملن ٿا. حضرت بايزيد جو سنڌ ۾ ان ڪري به اچڻ ٿيو هوندو جو سندس استاد به ابو علي سنڌي هو، جنهن لاءِ پاڻ فرمائيندو هو ته مون وٽانئس تصوف جو علم سکيو. ڳوٺ بازيدپور ۾ حافظ، عالم، قادري، اديب، شاعر ۽ ليکڪ پيدا ٿيا.


لفظ بازيدپورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو