امڙيري

امڙيري (Amarheri) ماڳ: امڙيريءَ جو ڳوٺ هندستان ۾ جند شهر کان 4 ڪلوميٽر پري، جند -ڪينال روڊ تي واقع آهي. هن ڳوٺ جي اتر ۾ هڪ ڪلوميٽر جي پنڌ تي هيءُ ماڳ 76019'16.9" ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 29020'39.1" ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي. ماڳ 1.7 هيڪٽرن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي. هن ماڳ کي 1981ع ۾ امرسنگهه نالي آرڪيالاجسٽ پڙتاليو هو. کيس هتان پوئين هڙاپائي دور جا آثار مليا هئا. پر پوءِ جي آرڪيالاجسٽن کي هتان اوائلي هڙپائي (Early Harappan) دور جون وٿون مليون آهن. اوائلي هڙاپائي دور جي وٿن ۾ ٺڪراٺو خاص آهي. ٺڪراٺي ۾ ڳنايون ٿالهيون، پيالا، ڪولا، گندڙا، بونبين وارا ڍڪڻا ۽ ڪوناريون وغيره شامل آهن. هتان ٺڪر جا رانديڪا ۽ مصالحي وارين چوڙين جا ٽڪر به مليا آهن. پوئين هڙاپائي دور (Late Harappan Period) جي ٺڪر ۾ هڪ وڏي ٿانون جو ٺڪر مليو آهي، جنهن تي ڳڙکين نموني سڌن پانيلن ۾ چٽ چٽيل آهن. ڪي چٽ اڌ گول ۽ ڪي عمودي لڪيرن سان آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو