اسراني

اسراني

اسراني

اسراني: هندي فلم انڊسٽري جو اداڪار ۽ هدايتڪار گوورڌن اسراني جو جنم پھرين جنوري 1940ع تي جئپور جي هڪ سنڌي گهراڻي ۾ ٿيو. فلم انڊسٽري ۾ ’اسراني‘ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. راجسٿان ڪاليج جئپور مان گريجوئيشن ڪئي. تعليم دؤران هن آل انڊيا ريديو، جئپور ۾ وائيس آرٽسٽ طور ڪم ڪيو. 1960ع کان 1962ع تائين ساهتيه ڪلڀاڻي ٺڪر کان اداڪاريءَ جي سکيا ورتي ۽ 1962ع ۾ اداڪاري لاءِ جئپور کان ممبئي جو سفر ڪيو. 1974ع ۾ هن پنھنجي پھرين گجراتي فلم ۾، مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ هدايتڪاري پڻ ڪئي. هن پنھنجي فني ڪيريئر جي پھرين هندي فلم ’ہری کانچ کی چوڑیاں‘ ۾ ڪردار نڀايو. فلم ’شعلے‘ ۾ سندس جيلر جي ڪردار جو ڊائلاگ ’ہم انگريزوں کے زمانے کے جیلر ہیں‘ تمام گهڻو مشھور ٿيو. هن 350 کان وڌيڪ فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي جن ۾: ’تقدير والا‘، ’هيرا پهیری‘، ’چپ چپ کے‘، ’دیوانے ہوئے پاگل‘،’آج کی تازا خبر‘،’ ہلچل‘ ۽ ٻيون شامل آهن. هن ڪجهه فلمن ۾ هدايتڪاري پڻ ڪئي جن ۾: ’دل ہی تو ہے‘، ’سلام میم صاحب‘ ۽ ٻيون شامل آهن. فلم ’آج کی تازا خبر‘ (1974ع) ۽ ’بالیکا بدهو ‘ (1977ع) فلمن تي اوارڊ حاصل ڪيا. سندس شادي اداڪاره منجو بنسل سان ٿيل آهي. جنھن مان کيس هڪ پٽ نوين جو اولاد آهي.


لفظ اسرانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1940.01.01  عيسوي

هندي فلم انڊسٽري جو اداڪار ۽ هدايتڪار گوورڌن اسراني جو جنم پھرين جنوري 1940ع تي جئپور جي هڪ سنڌي گهراڻي ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڄام نظام الدين (پهريون)
عبدالله خان
شيخ محمد 2
پاڻيڻي
ٽوبن جيمز
تحريما ميٺا
جيسينه جئه سينه
جهمون ڇڳاڻي
اختر حسين رائيپوري ڊاڪٽر
ڌرمپال اگروال
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون