تلوڪچند

تلوڪچند: سندس جنم، 2 ڊسمبر 1896ع تي شهر ڀِريا، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ٿيو. تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ ملازمت ڪيائين، پر ملڪ جي محبت ۽ عوام جي خدمت کيس نوڪري ڇڏڻ تي مجبور ڪيو، جنهن کان پوءِ نواب شاهه مان هفتيوار ”هند سماچار“ اخبار جاري ڪيائين. تلوڪچند 1947ع جي سياسي تبديلين کانپوءِ پنهنجو ديس ڇڏي وڃي اجمير شريف ۾ ويٺو. هن اتان روزاني ”هندو“ اخبار جاري ڪئي ۽ بيڊپائيءَ سان صحافت جي دنيا ۾ ڪم ڪندو رهيو. اجمير ۾ ”پرشارٿي پئنچات“ جو بنياد وڌائين ۽ ”ليکڪ سهائڪ سڀا“ قائم ڪرائڻ ۾ اڳرو ٿي ڪم ڪيائين. سندس لاڏاڻو 26 جُون 1965ع تي اجمير ۾ ئي ٿيو.


لفظ تلوڪچندھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

02.12.1896  عيسوي

تلوڪچند 2 ڊسمبر 1896ع تي شهر ڀِريا ، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ٿيو .


26.06.1965  عيسوي

تلوڪچند تي لاڏاڻو 26 جُون 1965ع تي اجمير ۾ ئي ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالفتاح ميمڻ 2
حافظ عبدالستار ڪوريجو
آفتاب احمد شيخ
جمعو فقير 1
خانزئي مولوي غلام محمد
حمل خان جت بلوچ
سلطان گولڊن
سيد فتح محمد شاهه شيرازي
سهراب سومرو
تانتيا ٽوپي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون