سماج سڌارڪ تارا چند شوقيرام

سماج سڌارڪ تارا چند شوقيرام

تارا چند شوقيرام

تارا چند شوقيرام: سماج سڌارڪ راءِ بهادر ديوان چند شوقيرام'>تارا چند شوقيرام، اڳوڻو پرنسپال ٽريننگ ڪاليج، حيدرآباد، 20 جون 1850ع تي حيدرآباد، سنڌ ۾ پيدا ٿيو. چاليهه سال کن حيدرآباد جي عامل پنچائت جو مکي رهيو. ڪيترن ضرورتمند ماڻهن جي مالي مدد ڪيائين. حيدرآباد جي برهمو مندر وٽ پنهنجي ڀاءُ ساڌو هيرانند جي نالي باغيچو ٺهرايائين، پنهنجي ماءُ شريمتي جواهر ٻائيءَ جي نالي هيرآباد ۾ ڇوڪرين جو اسڪول کولرايائين. سنڌ جي گورنر سر لانسلاٽ گرهام سان دوستي هوندي هئس. حـيدرآباد جـو ”هوپ فــل فــري اسڪـول“، ”ديـــوان نـول راءِ ۽ ديــوان تاراچند جي نالي پٺيان سڏجي ٿو. برهمو سماج وارن ڪراچيءَ جي سولجر بازار ۾ هڪ سنڌي اسڪول به سندس نالي پـويان کـوليو هو. حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي جو رسالو ترتيب ڏيئي سال 1900ع ۾ تعليم کاتير طرفان شايع پڻ ڪرايائين. سندس والد شوقيرام مختيارڪار جي عهدي تي هو. هي پاڻ ۾ ٽي ڀائر هئا. (1) ديوان نولراءِ، (2) تاراچند شوقيرام (3) ساڌو هيرانند. تاراچند وارا ڀائر سماج سڌارڪ هئا. تاراچند شوقيرام 25 ڊسمبر 1938ع ۾ ديهانت ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1850.06.20  عيسوي

تارا چند شوقيرام، اڳوڻو پرنسپال ٽريننگ ڪاليج، حيدرآباد، 20 جون 1850ع تي حيدرآباد، سنڌ ۾ پيدا ٿيو.


1938.12.25  عيسوي

تاراچند شوقيرام 25 ڊسمبر 1938ع ۾ ديهانت ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حاجي محمد عظيم اعواڻ
عبدالله مرزا
زبيده آپا
طالش
سڪندر آفتاب خضر
چترا سنگهه
جيلاني سيد محمد صالح شاهه (ثاني)
جمالي شيخ حماد
فقير رسول بخش انڙ
الهداد راهو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون