بيگم عبدالله چنا

بيگم عبدالله چنا

بيگم عبدالله چنا

بيگم عبدالله چنا: سنڌي ٻوليءَ جي هن مشھور ڪھاڻيڪار ۽ ليکڪا جو اصل نالو زينت چنا هو. ھن جو جنم ضلعي ڄام شوري جي سيوهڻ شھر ۾، 4 جنوري 1919ع تي، محمد صالح چنا جي گهر ۾ ٿيو. مئٽرڪ تائين مقامي سطح تي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ پڙهي جتان سٺن نمبرن ۾ امتحان پاس ڪرڻ تي، کيس ٽلٽيءَ جي گرلز اسڪول ۾ استاد مقرر ڪيو ويو. ان بعد ترقي ڪندي هوءَ سيوهڻ جي گرلس اسڪول جي هيڊ مسٽريس مقرر ٿي. هن لکڻ جي شروعات نوجوانيءَ ۾ ’شبنم‘ جي نالي سان، اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون لکڻ سان ڪئي. اڳتي هلي سٺي ڪھاڻيڪاره ۽ مضمون نويس طور مشھور ٿي. صحافت سان به سندس تعلق رهيو. عبدالله خان چنا سان شادي ٿيڻ کانپوءِ کيس احترام مان ”جيجي زينت چنا“ ۽ ”بيگم عبدالله چنا“ سڏيو ويو. ماهوار سنڌي رسالي ’مارئيءَ‘ جي ايڊيٽر رهي، جيڪو پھرين هفتيوار ۽ پوءِ ماهوار شايع ٿيندو هو. ڀٽ شاهه ثقافتي ڪاميٽيءَ جو ساليانو پرچو ”يادگار لطيف“ (ترتيب: 1958ع) ڇپيل اٿس. عورتن جي سماجي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندي رهي. 12 جولاءِ 1974ع تي وفات ڪئي.


لفظ بيگم عبدالله چناھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1919.01.04  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ جي هن مشھور ڪھاڻيڪار ۽ ليکڪا جو اصل نالو زينت چنا هو. ھن جو جنم ضلعي ڄام شوري جي سيوهڻ شھر ۾، 4 جنوري 1919ع تي، محمد صالح چنا جي گهر ۾ ٿيو.


1974.07.12  عيسوي

بيگم عبدالله چنا 12 جولاءِ 1974ع تي وفات ڪيائين .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڪوشليا
شيخ فاضل شاهه قريشي
ڏگوغريب الله
جامي مولانا عبدالرحمان
سوامي گوالانند مهراج
مولانا قاضي عبدالقادرسرهيو
شيخ عبدالرئوف
اختر بلوچ
پنڊت شاناڪ سارنگ سنڌي
شاهه حسن مرزا ارغون
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون