بودلو بهار

بودلو بهار: سيوهڻ جو مشهور درويش ۽ قلندر لال شهباز جو خاص خدمتگار، مخدوم بودلو سڪندر عرف ”بودلو بهار“. اصل ملتان جو ويٺل هو. سندس جنم 202هه/ 817ع ڌاري اچ شريف (ملتان) ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي صوفي بزرگن جي صحبت نصيب ٿيس. ڦوهه جوانيءَ ۾ سيوهڻ شريف آيو. شروعات ۾ ديني درس ڏيندو هو، پر پوءِ دنيا جا لڳ لاڳاپا لاهي روحاني رهبر جو متلاشي ٿي ويو. انهيءَ ڪيفيت ۾ اڪثر اگهاڙو رهندو هو. آخر کيس قلندر شهباز جي صحبت نصيب ٿي. پاڻ قلندر جي پيارن طالبن مان هو ۽ سڄي عمر شادي نه ڪيائين ۽ مجرد رهيو. روايت آهي ته هنود ڪاسائيءَ هن درويش کي ڪهي ڇڏيو هو. سندس مزار سيوهڻ ۾ قلعي لڳ قلندر جي مزار کان اتر طرف آهي. سيوهڻ ۾ سندس نالي پٺيان ”بودلي جي ڪافي“ به آهي. بودلي جي شخصيت کان متاثر فقير ۽ سندس مريد ڳاڙهو ويس ڍڪيندا آهن ۽ هر روز پيرن ۾ گهنگهرو ٻڌي ڌمال ڪندا آهن.


لفظ بودلو بهارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0202.00.00  هجري

بودلو بهار: سيوهڻ جو مشهور درويش ۽ قلندر لال شهباز جو خاص خدمتگار ، مخدوم بودلو سڪندر عرف ” بودلو بهار “ . اصل ملتان جو ويٺل هو . سندس جنم 202هه/ 817ع ڌاري اچ شريف ( ملتان ) ۾ ٿيو .


0817.00.00  عيسوي

بودلو بهار: سيوهڻ جو مشهور درويش ۽ قلندر لال شهباز جو خاص خدمتگار ، مخدوم بودلو سڪندر عرف ” بودلو بهار “ . اصل ملتان جو ويٺل هو . سندس جنم 202هه/ 817ع ڌاري اچ شريف ( ملتان ) ۾ ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خدابخش مري جسٽس
ٻگهيو عزيز الرحمان ڊاڪٽر
رشيد گل
آغا شمشاد مغل
حاجي امام الدين راشدي
محمد احمد شاھ
مير محمد نورنگي جاگيراڻي
درويش بابو سنڌي
شير محمد راهوجو
سائل مرزا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون