داخلا نمبر 26
عنوان باب الاسلام
شاخ جاگرافي
پڙهيو ويو 1044 ڀيرا
داخلا جو حوالو
سنڌ جو نقشو

سنڌ جو نقشو

ڪراچي ڊويزن جو نقشو

ڪراچي ڊويزن جو نقشو

باب الاسلام

باب الاسلام: سنڌ کي انهيءَ نالي سان سڏيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته برصغير ۾ اسلام جي روشني سڀ کان پهرين سنڌ ۾ پهتي. عام طرح اهو خيال آهي ته سنڌ ۾ اسلامُ، محمد بن قاسم جي آمد (94 هه/712ع) سان آيو، پر ائين نه آهي. سنڌ ۾ اسلام جي روشني پکيڙڻ جو فرض، رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي دور ۾ سندس صحابين سرانجام ڏنو. جن مان ڪن جون قبرون
شاه مڪي قبرستان حيدرآباد ۾ موجود آهن.
6 جولاءِ 1975ع تي جڏهن اسلامي ملڪن جي پهرين سربراهه ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿي، تڏهن هن ڪانفرنس ۾ شريڪ نمائندن هن شهر جي تاريخي اهميت ۽ عوام جي مهمان نوازيءَ واري جذبي کان متاثر ٿي، ڪراچي شهر کي ”باب الاسلام“ جو نالو ڏنو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.07.06  عيسوي

6 جولاءِ 1975ع تي جڏهن اسلامي ملڪن جي پهرين سربراهه ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿي ، تڏهن هن ڪانفرنس ۾ شريڪ نمائندن ڪراچي شهر جي تاريخي اهميت ۽ عوام جي مهمان نوازيءَ واري جذبي کان متاثر ٿي ، ڪراچي شهر کي ” باب الاسلام “ جو نالو ڏنو .


  عيسوي



جاگرافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آباد
آباد (ديهه)
آباد پانچو
آباد پتڻ
آباد جاگير
آباد جبل
آباد ڍنڍ
بابا ٻيٽ
آباد مُهلاڻي
آباد وارو دڙو
جاگرافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون