انعام

انعام: قرآن شريف جي ڇهين سورة، جيڪا مڪي ۾ نازل ٿي، جنهن ۾ 165 آيتون آهن. ان ۾ ايمان جا اهم جزا، يعني توحيد جي عقيدي، قيامت جي ڏينهن ۽ سزا ۽ جزا جو بيان آهي. زمين ۽ آسمان ۾ قدرت الاهيءَ جا جيڪي ڪرشما نظر اچن ٿا، انهن ڏانهن انسان کي متوجهہ ڪيو ويو آهي ۽ قديم قومن جي سرگزشت بيان ڪري نيڪيءَ ۽ بديءَ جا نتيجا واضح ڪيا ويا آهن. ان کان سواءِ هن سورة ۾ حلال ۽ حرام شين جو تفصيل بيان ٿيل آهي ۽ چؤپاين متعلق مشرڪن جا جيڪي وهم وسوسا هئا، انهن جي مذمت ڪئي ويئي آهي. انهيءَ ڪري هن سورة کي سورة ’انعام‘ چيو ويو آهي.
ڪنهن ڪارنامي، غيرمعمولي جرات، نيڪيءَ ۽ سخا وغيرہ جي سلسلي ۾ مليل يادگار تحفي کي بہ ”انعام“ (الف جي ’اِ‘ اُچار سان) سڏيندا آهن .


لفظ انعامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو