بيڀاڻ

بِيڀاڻِ: ’بيڀاڻٿري شاديءَ جو ڳيچ آهي. هيءُ رخصتيءَ جو گيت آهي، جڏهن گهوٽ، ڪنوار کي وٺي ڄڃ سميت روانو ٿيندو آهي، تڏهن ڪنوار جون ساهيڙيون ۽ ٻيون عورتون گڏجي ڳائينديون آهن. جڏهن ڪنوار مائٽاڻو گهر ڇڏي رواني ٿيڻ جي تيارين ۾ هوندي آهي، تڏهن هڪ جيڏيون گڏجي گيت ڳائينديون رهنديون آهن. ’بيڀاڻ‘ اصل بيبان = بيبي آهي، جيڪو ڪنوار لاءِ عزت ڀريو لفظ آهي. بيڀاڻ جا ٻول هن طرح جا آهن:
وراڻي:
چَونري تو ماٿي سائِي نيلِ او بيڀان
اَجيمت بيڀان مان ڏيلاڙان
سچي سڳوري نان ڏان ڏيلاڙان
سچي سڳوري نان ڏان ڏيلاڙان
اي چونري! تو مٿان سائي نيل او بيڀان!

[ اي بيڀاڻ ذات جي عظمت، توکي عزت ڏياريان توکي بيبي فاطمه سڳوري کان انعام ڏياريان.[


لفظ بيڀاڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو