امجد سراج ميمڻ

امجد سراج ميمڻ

امجد سراج ميمڻ

امجد سراج ميمڻ، ڊاڪٽر: پروفيسر ڊاڪٽر امجد سراج 31 جنوري 1963ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو .سندس تعلق سنڌ جي هڪ علمي ادبي گهراڻي سان آهي. سندس والد سراج الحق ميمڻ سنڌي ٻوليءَ جو برک اديب، ماهر لسانيات، عالم هو. ڊاڪٽر امجد ڪئڊٽ ڪاليج پيٽاري مان انٽر ڪئي. ايم بي بي ايس جي ڊگري ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي (هاڻي يونيورسٽي) مان وٺڻ کانپوءِ آئرلينڊ مان ايف آر سي ايس ڪري ڪجهه وقت اتي ئي ملازمت ڪئي. ان کانپوءِ ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ استاد مقرر ٿيو. 2007ع ۾ پروفيسر آف سرجري، 2017ع ۾ شعبي جو چيئرمئن ۽ پوءِ ڊين ٿيو. 2020ع ۾ ميريٽوريس پروفيسر پڻ ٿيو. 2019ع ۾ ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جو پرنسپال ۽ جولاءِ 2021ع ۾ جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو. ڊاڪٽر امجد سراج جا پنھنجي ميڊيڪل جي شعبي ۾ مختلف موضوعن تي قومي ۽ بين الاقوامي ريسرچ جرنلن ۾ 40 کان وڌيڪ تحقيقي مقالا ڇپجي چُڪا آهن. سنڌي ادب ۾ ترجمن جي حوالي سان هو سُٺي شھرت رکي ٿو. سنڌيءَ کان انگريزي ۽ انگريزيءَ کان سنڌي ترجمي جا سندس 14 کان وڌيڪ ڪتاب هيٺينءَ ريت ڇپجي چُڪا آهن: (1) ڊاڪٽر فھميده حسين جي ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“ جو انگريزي ترجمو“Image of Women in Shah Latif’s Poetry” جيڪو شاهه لطيف چيئر پاران 2005ع ۾ ڇپيو، (2) Selection from Shah jo risalo شاهه لطيف جي 200 بيتن جو انگريزي ترجمو، سندس ڀاءُ نويد سراج سان گڏ ڪيل، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن پاران 2006ع ۾ ڇپيو، (3) سراج جي جڳ مشھور ڪتاب” سنڌي ٻوليءَ “جو ترجمو Sindhi Languageجي نالي سان، جيڪو سنڌي لئنگيئج اٿارٽيءَ 2009ع ۾ ڇپيو، (4) ”سنڌي ٻوليءَ جو گرامر“ ڊاڪٽر ارنسٽ ٽرمپ جي انگريزي ڪتاب ”The Grammar of Sindhi Language “ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو، جيڪو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ڇپيو، (5) ”فرينچ انقلاب“ جڳ مشھور ڪتاب جو ترجمو، سنڌ يونيورسٽيءَ پاران ڇپيل، (6) سيد مظھر جميل جي اردو ڪتاب ”محمد ابراهيم جويو ايڪ صدي ڪي آواز“ جو Muhammad Ibraheem Joyo: The Voice of a Century سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ پاران ڇپيل، (7)Role Of Education in socio-Political and Economic Conditions of Larkana District. ڊاڪٽر غلام حسين سانگيءَ جي پي ايڇ ڊي ٿيسز جو انگريزي ترجمو EFT پاران ڇپيل، (8) Echo is the Call سراج جي مشھور ۽ مقبول نيم تاريخي ناول ”پڙاڏو سوئي سڏ“ جو انگريزي ترجمو. سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز پاران ڇپايل، (9) Rendevous with death سراج جي ناول ’مرڻ مون سين آءُ‘ جو انگريزي ترجمو. سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جو ڇپايل، (10) Parched Land, Wandering Clouds سراج جي ناول (ٽرائلاجي) ’پياسي ڌرتي رمندا بادل‘ جو انگريزي ترجمو- سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز پاران ڇپايل، (11) معصوم يا دهشتگرد- ڊاڪٽر عمر دراز جي اردو ڪتاب جو ترجمو، احساس انفوميٽڪس ڪراچيءَ جو ڇپايل، (12) Evolution of Sindhi Language ڊاڪٽر غلام علي الانا جي تحقيقي ڪتاب ’سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا‘ جو انگريزي ترجمو، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ڇپايل، (13) گل حسن ڪلمتيءَ جي ڪتاب ’ڪراچي، سنڌ جي مارئي‘ جو انگريزي ترجمو (Karachi Through The Centuries) EFT پاران ڇپرايل ۽ (14) رائچند راٺوڙ جي ڪتاب ’تاريخ ريگستان‘ جو انگريزي ترجمو EFT پاران شايع ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر امجد سراج، ڊائو يونيورسٽيءَ جي سينڊيڪيٽ جو 2019ع کان ميمبر رهيو ۽ هن وقت جناح سنڌ ميڊيل يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر آهي. ڊاڪٽر صاحب جي شادي شھدادپور جي انيسه امجد سان ٿيل آهي ۽ کيس ٻن نياڻين پرهه ميمڻ ۽ هير ميمڻ ۽ هڪ پٽ وريام ميمڻ جو اولاد آهي. پاڻ هن وقت ڪراچيءَ جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ رهي ٿو.


لفظ امجد سراج ميمڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1963.01.31  عيسوي

پروفيسر ڊاڪٽر امجد سراج 31 جنوري 1963ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

هما مير
ايشوريا راءِ
شتروگهن سنها
بابو غلام حسين
صالح حاجاڻو
سيد غوث علي شاهه
اگهم راجا
خدا بخش خان ٽالپر ضياء
ذوالفقار مرزا
زاهد علي ڀرڳڙي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون