امام بخش سومرو حافظ

امام بخش سومرو، حافظ: حافظ امام بخش سومرو 11 آگسٽ 1897ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. ننڍي هوندي کان ئي کيس ڪتاب پڙهڻ جو شوق هوس. آخوند عبدالرحمان تنيو سندس پهريون استاد هو ۽ قرآن پاڪ حفظ ڪرڻ جي سلسلي ۾ حافظ امام الدين، حافظ محمد قاسم سومري ۽ حافظ محمد يونس کان رهنمائي حاصل ڪيائين. کيس نوجواني کان وٺي ذڪر الاهي جو شوق هو، ان کان سواءِ تهجد گذار پڻ هو. ميان غلام صديق ميمڻ جي قائم ڪيل مدرسي ”مدرسه نور محمديه“ مان عربي ۽ فارسي پڙهي عالم فاضل ٿيو. حافظ صاحب سمورو ڏينهن عبادت الاهي ۾مشغول رهندو هو، پر ترت ئي استادن جي حڪم تي مختلف مدرسن ۾ درس و تدريس ڏيڻ ۾ مصروف ٿي ويو. حافظ امام بخش قادري جي طريقي ۾ سيد محمد صالح شاهه راڻيپوري، مفتي غلام عمر جتوئي ۽ خواجه محمد عمر جان جي صحبت حاصل ڪيائين. کيس فقه جي علم ۾ خاص مهارت حاصل هئي، سنڌي زبان ۾ سخن جو سلسلو به ڪجهه برقرار رکيائين، جنهن ڪري ڪجهه بيت ۽ مولود پڻ چيا اٿس.
حافظ امام بخش فقيراڻي طبيعت جو مالڪ هو، سندس استاد هن کان تمام گهڻو خوش هئا، کيس ڇهه دفعا بيت الله'>حج بيت الله جي زيارت جو شرف نصيب ٿيو. پاڻ حضرت قلندر لعل شهباز سان عقيدت جو اظهار ڪندا هئا. سندس شاگردن مان ڪيترائي ڄڻا عالم بڻجي ويا. هن 999 شاگردن کي حافظ قرآن بڻايو. هن عظيم بزرگ 9 سيپٽيمبر 1968ع ڌاري وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1897.08.11  عيسوي

حافظ امام بخش سومرو 11 آگسٽ 1897ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو


1968.09.11  عيسوي

حافظ امام بخش سومري 11 سيپٽيمبر 1968ع ڌاري وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خالد محمود سومرو ڊاڪٽر
پاڪ سنگهار
حشمتراءِ ڇٻلاڻي
محمد ايوب ساند
جهانگيرڪرامت
پرسرام پارو مل
پونجو سيٺ
نوشين شيخ
اشرف بلوچ
حڪيم گل محمد قريشي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون