امام بخش خادم

امام بخش ’خادم ‘:امام بخش ”خادم“ سنڌي غزل جو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي، جيڪو 1861ع ۾ محمد بچل بدويءَ جي گهر، شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. ماءُ جي فوت ٿي وڃڻ ڪري سندس پالنا ناناڻن ڪئي. 1869ع ۾ آخوند قمرالدين جي مدرسي ۾ سنڌي پڙهڻ ويٺو. 1873ع ۾ پنج درجا پاس ڪري، سنڌي فائنل ڏنائين. ان کان پوءِ انگريزيءَ جا ٽي درجا پڙهي، ٽريننگ ڪاليج، حيدرآباد ۾ داخلا ورتائين، جتان 1879ع ۾ سرٽيفڪيٽ ورتائين ۽ حيدرآباد جي ئي هڪ اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو. اتي ئي سندس ملاقات سنڌ جي مشهور شاعرن، سيد فاضل شاهه، فضل محمد ”ماتم“ ۽ خليفي محمد قاسم هالائيءَ سان ٿي. شاعريءَ جو شوق اڳ ۾ ئي هئس، ويتر سٺي سنگت جي ڪري وڏن شاعرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. 1880ع ۾ شڪارپور بدلي ٿي ويو، جتي اسڪول جو هيڊماستر ٿيو. 1886ع ۾ سکر بدلي ٿي ويو. 1896ع ۾ ئي ڪٽنب سوڌو حج ڪيائين. ان کان پوءِ مختلف هنڌن تي پنهنجي پيشي سان نباهه ڪيائين. 1912ع ۾ استعيفيٰ ڏيئي، لکڻ پڙهڻ ۾ مشغول ٿي ويو. هن ’هير رانجهوڊرامو، ’حاتم طائيءَ جو قصو‘، ’چار درويش‘، ’بهرام گور‘، ’انشاءِ خادم‘، ’الف ليليٰ‘، ’فوائدالمبتدي‘ (فارسيءَ ۾)، ’نانگ وارو معجزو‘ (نظم ۾)، ’مثنوي نگار‘، ’دودو چنيسر‘ ۽ ’ڪليات خادم‘ ڪتاب لکيا. سندس ڪلام ’بهار اخلاق‘، ’تحفه احباب‘ ’آفتاب‘، ۽ ’سنڌ سڌار‘ جهڙن رسالن ۾ شايع ٿيو. مشهور شاعر ۽ اديب، لطف الله بدوي سندس فرزند هو. حاجي امام بخش ’خادم‘، جنوري 1336هه/1918ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ امام بخش خادمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1861.00.00  عيسوي

امام بخش ’خادم‘ 1861ع ۾ شڪارپور ۾ پيدا ٿيو


1918.00.00  عيسوي

امام بخش ’خادم‘ 1918ع ۾ وفات ڪئي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاهه عبداللطيف ڀٽائي
ڀڳت مدن
محمد مقيم شاعر ٺٽوي
فقير محمد اسماعيل قاسم پلي
بشير بيوس اوٺو
بهار ٻپڙ
مير صوبدار خان مير ٽالپر
پورن کٽواڻي سائل
تنها سيف بخاري
نظر سنڌي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون