اشرف منصور دائودپوٽو

اشرف منصور دائودپوٽو: محمد اشرف دائودپوٽو تعلقي سيوهڻ جي تاريخي شهر ٽلٽيءَ ۾ 5 اپريل 1932 تي ڄائو. شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو سندس سوٽاڻي سوٽ ٿئي. پرائمري ۽ انگريزيءَ جا چار درجا ٽلٽيءَ ۾ پڙهي علامه دائودپوٽي جي صلاح تي پنجون درجو انگريزيءَ جو نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ اتان وڃي 1948ع ۾ سندس مدرسي ڪراچي پڙهڻ لاءِ ويٺو. علامه صاحب جيتوڻيڪ سندس مالي مدد ڪرڻ چاهي پر مسڪينيءَ ايترو مجبور ڪيس جو تعليم اڌ ۾ ڇڏي ڳوٺ موٽي اچي پرائمري ماستر ٿيو. 1949ع ۾ فائينل ڏنائين. 56-1955 ۾ مٺياڻي ڪاليج مان ٽريننگ ورتائين. 1971ع ۾ بي ايڊ، 1973ع ۾ ايم اي پاس ڪيائين ۽ 1979ع ۾ ايم فل ڪيائين. سندس مقالي جو عنوان هو ”دادو ضلعي جا غزل گو شاعر“. علامه دائودپوٽي جي صحبت ۾ رهندي شاعري ۽ ادب جو چشڪو لڳس، اڳ ۾ به سندس خاندان ۾ يعقوب فقير، نظام فقير ۽ بچل فقير وقت جا سٺا شاعر ٿي گذريا هئا. ان لاءِ شاعري ڄڻ سندس ورثو هئي. ابتدا ۾ ڪافيون، ڪلام، بيت، ڏوهيڙا ۽ سه حرفيون لکيائين. 56-1955 ع کان حافظ احسن چنا کان اصلاح ورتائين. 1969ع ۾ احمد مجتبيٰ، غالب ملڪاڻي سجاده نشين درگاهه ملڪاڻي شريف کان اصلاح ورتائين. 1971ع ۾ سندس ڪلام جو پهريون مجموعو ”دارو رسن“ ڇپيو. 1973ع ۾ ”مشيڪ ختن“، 1985ع ۾ ”نوادر الڪرامات“ حضرت ملڪاڻي جي ڪرامتن تي ڪتاب ڇپايائين. ان کان سواءِ به ڪيترو ڪلام اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهي. پاڻ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽلٽي جو هيڊ ماستر ٿي رٽائر ٿيو. هن وقت ٽلٽي ۾ رهي ٿو، سندس پٽ ڊاڪٽر اڪرم دائودپوٽو به شاعري ڪري ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1932.04.05  عيسوي

اشرف منصور دائودپوٽو: محمد اشرف دائودپوٽو تعلقي سيوهڻ جي تاريخي شهر ٽلٽيءَ ۾ 5 اپريل 1932 تي ڄائو . شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو سندس سوٽاڻي سوٽ ٿئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رحمان ملڪ
پير ابو محمد صالح شاهه جيلاني
پنا لال بي ڪشوراڻي
آسن داس
دريا خان چانڊيو
عبدالغفور ڀرڳڙي
ڀارواڻي وشنداس
سائل مرزا
پيرو کٽي
عبدالڪريم لوڌي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون