استاد بيبو خان

استاد بيبو خان

استاد بيبو خان

استاد بيبو خان: استاد بيبو خان، نامياري ڪلاڪار استاد شادي خان جو پوٽو، استاد گامڻ خان جو پٽ ۽ استاد مبارڪ علي خان، استاد مراد علي خان ۽ استاد علي محمد خان جو ننڍو ڀاءُ هو. استاد بيبي خان جو اصل نالو محمد ابراهيم هو. استاد بيبو خان 1904ع ۾ شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. هن فن موسيقيءَ جي سکيا والد ۽ ڀائرن کان پرائي ۽ پنهنجي خانداني ورثي يعني ڌرپڌ ۾ ڪمال حاصل ڪيو. ڌرپڌ کان علاوه ٺمريءَ، دادري توڙي خيال جي گائڪيءَ ۾ ماهر هو. سندس ساٿاري، گوالياري گائڪي جو مشهور موسيقار استاد غلام رسول خان هو، پر استاد عاشق علي خان، استاد پيارو خان، استاد اميد علي خان ۽ استاد الهڏنو نوناري به ساڻس گڏ سنگت ڪندا هئا. استاد بيبي خان جو آواز ڏاڍو مٺو، لچڪيدار ۽ سُريلو هو. هو اڪثر سنڌي ڪافيون ڪلاسيڪي رنگ ۾ ڳائيندو هو. پنهنجي وقت جو هي ناميارو موسيقار 25 مارچ 1952ع تي حيدرآباد شهر ۾ وفات ڪري ويو ۽ ٽنڊي يوسف جي قبرستان ۾ مدفون آهي. سندس ڳايل مشهور ڪلامن مان هيٺيان آهن:
دلبر پرينءَ جو مون سان، منهن تي نقاب آهي
ريڌو وتين ٻين سان، مون سان حجاب آهي.

”نه منهنجي وات مان سهڻا ٿو اهڙو ڪو قسم نڪري،
الاهي عشق ۾ تنهنجي يا غم نڪري يا دم نڪري.“
هن جي سڃاڻپ راڳ سهڻي ۾ خيال ”سخي ڪيوڙا“ ۽ راڳ سُگهُرئي جو ترانو هو. خانصاحب جي شاگردن ۾ استاد قدرت الله خان، استاد نياز حسين، استاد فدا حسين خان، مٺو ڪڇي، محمد هاشم ڪڇي، هادي بخش خان، مائي الهوسائي، محمد صالح ساند ۽ الهڏنو نوناري خاص هئا.


لفظ استاد بيبو خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1904.00.00  عيسوي

استاد بيبو خان 1904ع ۾ شڪارپور ۾ پيدا ٿيو . هن فن موسيقيءَ جي سکيا والد ۽ ڀائرن کان پرائي ۽ پنهنجي خانداني ورثي يعني ڌرپڌ ۾ ڪمال حاصل ڪيو . ڌرپڌ کان علاوه ٺمريءَ ، دادري توڙي خيال جي گائڪيءَ ۾ ماهر هو .


1952.03.25  عيسوي

استاد بيبو خان پنهنجي وقت جو هي ناميارو موسيقار 25 مارچ 1952ع تي حيدرآباد شهر ۾ وفات ڪري ويو ۽ ٽنڊي يوسف جي قبرستان ۾ مدفون آهي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسلم بيگ مرزا
سليم ناصر
راما ٻائي
استاد محمد خان ڏيڌڙو
داد فتو
رابرٽ ارسڪن
رهندو مل هسيجا
ضياء الحق ڪانڌڙو
اسلم آزاد ڊاڪٽر
حاجي امام بخش چانڊو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون